سڄي ملڪ ۾(گو نيازي گو) جا نعرا لڳي چڪا آهن، حڪمران جيئن آيا اهڙي طرح واپس ويندا: مريم نواز

مريم نواز

استور:   مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾(گو نيازي گو) جا نعرا لڳي چڪا آهن. حڪمران جهڙي طرح آيا آهن اهڙي طرح  واپس ويندا. سياسي مخالف ٻڌي وٺن سليڪٽر صرف عوام آهي، حڪومت گلگت بلتستان اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪئي ته عوام کين بخش نه ڪندي. گلگت بلتستان جي علائقي استور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته گلگت بلتستان شينهن جي زمين آهي. گدڙ صرف واعدا ڪندا آهن.  شينهن واعدن کي نڀائيندا آهن. اسان واعدا ڪرڻ ۽ انهن کي نڀائڻ چڱي طريقي سان ڄاڻون ٿا. گلگت بلتستان جي ماڻهن کي فور جي انٽرنيٽ ملڻ گهرجي. چاهيان ٿي ته يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ مقامي عورتن کي مفت ليپ ٽاپس ڏنا وڃن. هن وزيراعظم عمران خان طرف اشارو ڪندي چيو ته هي ماڻهو جهڙي طرح آيا آهن اهڙي طرح واپس ويندا. هنن هڪ پيءُ جي سامهون ان جي ڌيءَ کي گرفتار ڪيو، مون کي حق جو آواز اٿارڻ تي گرفتارڪ يو ويو. شينهن جي زمين تي ڪوبه گدڙ حڪومت نٿو ڪري سگهي. انسان حڪومت پنهنجي عزت لاءِ ڪندو آهي، ذلت جي حڪومت کان عزت جي موت بهتر آهي. مريم نواز چيو ته سڄو پاڪستان هن جعلي حڪومت کي پٽون پاراتا ڏئي رهيو آهي. دوائن جي اگهن ۾ 600 سيڪڙو واڌ ٿي وئي. هاڻ مرڻ به آسان ناهي رهيو. پنجاب، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جي عوام روئي رهي آهي. نوازشريف پاڪستان مان دهشتگردي ۽ مهانگائي جو خاتمو ڪيو. جيڪڏهن ڌانڌلي جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام توهان کي بخش نه ڪندي هنن کي گهرن تائين پهچائي اينداسين. هن چيو ته استور ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جو نالو نوازشريف رکيو پيو وڃي. نوازشريف ۽ مريم نواز به محبت نڀائڻ ڄاڻن ٿا ۽ مان گلگت بلتستان جي عوام سان محبت جو رشتو نڀائيندس.

Read Previous

آمريڪا کان پوءِ روس به ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

Read Next

ڪراچي: 7 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن جو اشتهاري دهشتگرد گرفتار

Most Popular