ڪراچي: 7 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن جو اشتهاري دهشتگرد گرفتار

ڪراچي:   ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) ايم ڪيو ايم لنڊن جي گهربل اشتهاري دهشتتگرد  فهيم جاويد عرف انقلابي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي سي ٽي ڊي آپريشن 2 عارف عزيز موجب ڪورنگي ۾ ٽارگيٽيڊ ڪارروائي جي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر فهيم جاويد عرف انقلابي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو قتل جي 7 وارداتن ۾ گهربل هو. هن ٻڌايو ته جوابدار اهي وارداتون پنهنجي ساٿين ظفر عرف فيصل مينڊڪ ۽ ارشد عرف چهوٽا  اسد سان گڏجي ڪيون.   ايس ايس پي موجب جوابدار جاچ دوران لانڍي، ڪورنگي ۽ زمان ٽائون ۾ اغوا کان پوءِ قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو جڏهن ته جوابدار سموريون وارداتون 2012 ۾ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. سي ٽي ڊي اختيارين ٻڌايو ته فهيم جاويد عرف انقلابي محبت خان ۽ سميع الله نالي شخص کي اغوا ڪيو ۽ ساٿي ظفر عرف فيصل ميندڪ ۽ عابد سان گڏجي کين قتل ڪيو. جوابدارن قتل جي اها واردات ان وقت جي ايم ڪيو ايم   جي صوبائي اسيمبلي ميمبر عليم الرحمان جي پلاٽ تي ڪرڻ کان پوءِ لاش اڇلي ڇڏيا.

Read Previous

سڄي ملڪ ۾(گو نيازي گو) جا نعرا لڳي چڪا آهن، حڪمران جيئن آيا اهڙي طرح واپس ويندا: مريم نواز

Read Next

ڪورونا وبا دوران مان جيل ۾ ڪيئن رهيس اها منهنجي رب کي خبر آهي: حمزه شهباز

Most Popular