ڪشمور ڀرسان ڳوٺ خاوند بخش ملڪ ۾ ڪراچي واسيڻ معصوم نياڻي عليشان بيبي سان مبينه زيادتي هڪ جوابدار گرفتار

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور ڀرسان ڳوٺ خاوند بخش ملڪ ۾ ڪراچي واسيڻ معصوم نياڻي عليشان بيبي سان مبينه زيادتي هڪ جوابدار گرفتار تفصيل موجب: ڪشمور ڀرسان ڳوٺ خاوند بخش ملڪ ۾ ڪراچي واسڻ 5 ورهين جي معصوم عليشان ڌي هارون اعواڻ سان مبينه زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي، جڏهن ته زيادتي جو شڪار معصوم نياڻي جي امڙ تبسم مغل ميڊيا آڏو روئيندي ٻڌايو ته جوابدار رفيق ملڪ طرفان مونکي ڪراچي کان نوڪري جي بهاني سان گهرائي30 هزار روپين ۾ جوابدار خيرﷲ بگٽي کي وڪڻي ڇڏيو جتان مونکي نيڪالي ڏئي منهنجي نياڻي کي قيد ۾ رکيو ويو جڏهن هڪ هفتي تائين منهنجي نياڻي کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي کيس زيادتي جو نشانو پڻ بڻايو ويو آهي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڪشمور اڪبر علي چنه ميڊيا سان ڳاله ٻوله ڪندي ٻڌايو ته زيادتي جو شڪار نياڻي عليشا مغل جي امڙ تبسم مغل ڪشمور ٿاڻي پهچي ٻڌايو ته جوابدار طرفان مونکي نوڪري جي لالچ ۾ ڪراچي کان ڪشمور گهرايو، جنهن بعد سنڌ بلوچستان جي بارڊر تي رهندڙ رفيق ملڪ ۽ مک جوابدر خيرﷲ بگٽي جو نالو ٻڌايو جنهن بعد ڪشمور پوليس طرفان ڪامياب ڪاروئي ڪندي هڪ سهولتڪار رفيق ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته مک جوابدر خيرﷲ بگٽي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاء ٽيمون روانيون ٿي چڪيون آهن ٻئي پاسي زيادتي جو شڪار معصوم نياڻي عليشا روائيندي ٻڌايو ته جوابدار سخت تشدت جو نشانو پڻ بڻائيندا هئا جڏهن ته ٻئي پاسي نياڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال ڪشمور مان ريفر ڪري رحيم خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو

Read Previous

آءِ جي سنڌ واقعو: رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي آفيسرن کي ذميوارين تان هٽايو ويو

Read Next

مٽياري : صوبائي وزير روينيو ۽ رليف مخدوم محبوب الزمان جي هدايتن تي م عوام کي مهنگائيءَ کان رليف ڏيارڻ لاءِ “بچت بازارون” قائم ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular