سکر(رپورٽ. امداد علي گل ڪلواڙ) پاڪستان ڪلواڙ ويلفيئر اسوسيئشن جو سکر ۾ هڪ اهم اجلاس، مرڪزي باڊي جي چونڊ ٿي گذري، سرپرست اعلئ چيف سردار عبدالواحد خان ڪلواڙ ،چيئرمين، شمس الدين ڪلواڙ ،صدر،شفيق احمد ڪلواڙ ،جنرل سيڪريٽري ، افضل عطا ڪلواڙ ۽ پريس ترجمان امداد علي ڪلواڙ ۽ ٻين عهديدارن کي چونڊيو ويو.خبر موجب پاڪستان ڪلواڙ ويلفيئر اسوسيئشن جو سکر ۾ هڪ اهم اجلاس ڊاڪٽر مظفر علي ڪلواڙ جي جاء تي شفيق احمد ڪلواڙ جي صدارت ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مرڪزي باڊي جي چونڊ ڪئي وئي ، اجلاس ۾ متفقه رائي سان سرپرست اعلئ چيف سردار عبدالواحد خان ڪلواڙ ،چيئرمين شمس الدين ڪلواڙ ، صدر شفيق احمد ڪلواڙ ،سينئر وائس چيئرمين، 1 ٽڪا خان ڪلواڙ بلوچستان، وائس چيئرمين 2، گلبهار خان ڪلواڙ پنوعاقل، وائس چيئرمين3 :- محمد شعبان ڪلواڙ ميرپورماٿيلو ، وائس چيئرمين4 استاد الله رکيو ڪلواڙ ڪشمور،نائب صدرعاشق حسين ڪلواڙ ، پريس سيڪريٽري امداد علي ڪلواڙ سکر ، جنرل سيڪريٽري افضل عطا ڪلواڙ ڪشمور، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امجد علي ڪلواڙ گھوٽڪي، جوائنٽ جنرل سيڪريٽري 1 ڊاڪٽر مظفر علي ڪلواڙ پنوعاقل جوائنٽ جنرل سيڪريٽري 2 غلام مجتبيٰ ڪلواڙ گھوٽڪي ، انفارميشن سيڪريٽري زبير احمد ڪلواڙ پنوعاقل، ماليات سيڪريٽري:- ڊاڪٽر عمران علي ڪلواڙ پنوعاقل ، آفيس سيڪريٽري 1 ارشاد علي ڪلواڙ ميرپور ماٿيلو آفيس سيڪريٽري 2 ساحل محمد نياز ڪلواڙ پنوعاقل رابطه سيڪريٽري منير احمد ڪلواڙ گهوٽڪي ۽ ليگل ايڊوائيز زبير احمد ڪلواڙ جهلي ڪلواڙي ، ۽ نعيم احمد ڪلواڙ مرڪزي عهديدار سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان مان چونڊيا ويا ، جڏهن ته پاڪستان ڪلواڙ ويلفيئر اسوسيئشن جي آئين ٺاهڻ لاء 6 رڪني ڪميٽي به ٺاهي وئي جيڪا متا ۽ مقصد کي به تشڪيل ڏيندي ، مرڪزي باڊي هڪ سال لاء چونڊي وئي آهي ،جڏهن ته صوبن ۽ ضلعن جي باڊي به جلد چونڊي ويندي ۽ ميمبر سازي به پڻ ڪئي ويندي ، پاڪستان ڪلواڙ ويلفيئر اسوسيئشن هڪ سماجي تنظيم آهي جنهن جو ڪم صرف برادري جي ڀلائي جا ڪم سرانجام ڏيڻ هوندو.