سول اسپتال دادو ۾ ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب فوت

دادو(رپورٽ۔ ( رپورٽ ۔علی رضا شیخ  ) سول اسپتال دادو ۾ ڊاڪٽر جي  مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويل نوجوان جاويد علي پهوڙ جي والدين ۽ وارثن سندس لاش کڻي شهر جي ايس پي چونڪ تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏئي چونڪ جا سمورا رستا مظاهرين هٿ هٿن ۾ ڏئي بند ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ٽرئفڪ ٽن ڪلاڪن تائين معطل رهي پ پ پ اڳوڻ ٽائون ڪاميٽي سيتا روڊ جي اڳوڻي چيئرمين قمبر علي خان لغاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي سوڳوار مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ فوتي نوجوان جي ڀاءَ کي ساڻ ڪري ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ سان ڳالهايو ايس ايس پي جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪري وارث نوجوان جاويد علي پهوڙ جو لاش تدفين لاءِ شهيد مخدوم بلاول جي قبرستان نيو ويو ان کان اڳ وارثن فوتي جي امڙ آمنت ۽ ڀائرن نواب خان ۽ ٻين مظاهرين  صحافين اڳيان دانهيو ته جاويد پهوڙ کي تيز بخار ۽ ٽنگن ۾ سور جي تڪليف هئي جنهن کي رڪشا ۾ دادو شهر جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ڪالوني مان اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ کڻي وياسين جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر نياز چنه پاران مريض کي تپاسيو ويو ۽ عملي کي علاج به نسبت هدايتون ڏنيون انجيڪشن لڳڻ شرط ئي اسان جي نوجوان جي طبعيت خراب ٿي وئي ۽ سندس وات مان اڇي گگ شروع ٿي وئي اسان روڄ راڙي ۾ پئجي وياسين ته اسپتال عملي هن جون دوائون پي تبديل ڪيون ۽ ايتري ۾ نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪيو پوءِ پوليس پهچي وئي ۽ ڊاڪٽر کسڪي ويو تقريبن 8 ڪلاڪن کان پوءِ اسان لاش کڻي گهر آياسين اسان سان ظلم ٿيو آهي  هنن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ صحت کاتي جي اعليٰ  عملدارن کان مطالبو ڪيو ته مبينا غفلت سبب فوت ٿيل نوجوان جاويد علي پهوڙ  جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ عدالتي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن پڻ پورهيت جاويد پهوڙ جي موت تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي انڪوائري جو مطالبو ڪيو آهي.

Read Previous

روٽري ڪلب پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ معزز شهرين ، مختلف ادارن جي آفيسرن ، سياسي و سماجي شخصيتين ، صحافين سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي

Read Next

آل سنڌ سوڍا ويلفيئر ايسوسيشن جي تنظيمي گڏجاڻي ڀٽ شاھ ريسٽ ۾ ٿي گذري

Most Popular