دادو شهر جي GM ڪالوني جي رهواسين ڪالوني کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو

دادو ( ڊ ر ) دادو شهر جي GM ڪالوني جي رهواسين ڪالوني کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، مظاهرين راجا وسيم جوڻيجو، منظور ڀٽو، محمد اسلم قريشي، اظهار هنڱورو، ابرار خشڪ، منير قريشي، حاڪم هنڱورو ۽ ٻين دانهيو ته هو گذريل 30 سالن کان ڪالوني ۾ آباد آهن، مختيارڪار دادو ڪالوني خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن، هنن چيو ته ڪالوني جا پلاٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن جنهن جي داخلا ساڳئي مختيارڪار جي آفيس ۾ رکيل آهي، هنن چيو ته  سي آءِ اي انچارج افتخار جمالي، سندس ڀاءَ آفتاب جمالي ۽ پيءَ غلام محمد جمالي اگر فرازانه جمالي سان ٺڳي ڪري ڪالوني جا پلاٽ وڪرو ڪيا آهن ته عدالت ۽ روينيو کي گهرجي ته غلام محمد جمالي جي ملڪيت ضبط ڪري فرازانه جمالي کي پنهنجو حصو وٺي ڏئي، هنن چيو ته هو قانوني طور تي لکين روپين ۾ پلاٽ خريد ڪيا جنهن تي گهر، دوڪان ۽ بنگلا ٺهرايا جنهن تي ڪروڙين روپين جو خرچ ٿيل آهي هاڻي هو ڪئين خالي ڪري ڏئي سگهن ٿا، هنن چيو ته چاچي ۽ ڀائيٽي جو پاڻ ۾ ملڪيت تي تڪرار ٿيو آهي جنهن جي سزا اسان ڪالوني ۾ رهندڙ 100 کان وڌيڪ خاندانن کي ڇو پئي ڏني وڃي، هنن چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ، هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي اعليٰ عداليا کي اپيل ڪئي ته فيصلي تي نظر ثاني ڪري جي ايم ڪالوني جي رهواسين سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

سانگھڙ جي ناريجا برادري پوليس جي خلاف بينر کڻي پلي ڪارڊ ھٿ ۾ کڻي سخت نعريبازي

Read Next

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملاز من کي پڪو ڪرڻ لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي

Most Popular