مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملاز من کي پڪو ڪرڻ لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملاز من کي پڪو ڪرڻ لاءِ سيشن ڪورٽ روڊ تي 72 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي نوروز خان جمالي، فيصل ميمڻ، شڪيل ٽڳڙ، مظهر سومرو، حيدر خاصخيلي، راشد جماڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي ملازمن ٻڌايو ته مهراڻ يونيورسٽي جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس ۾ گذريل 6 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا خالي جاين تي ايڊهاڪ تحت ڀرتيون ڪري اسان سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ ڪري رهي آهي، جنهن جي خلاف اسان پهرين مرحلي 72 ڪلاڪن تائين بک هڙتال تي ويٺا آهيون، هنن ٻڌايو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ سفارشي ڪلچر هلي رهيو آهي، جنهن ڪري مسلسل 6 سال ڪانٽريڪٽ تي نوڪري ڪرڻ سبب اسان اوور ايج ٿي ويا آهيون ۽ هاڻي ٻين ادارن ۾ به نوڪري لاءِ اپلائي نٿا ڪري سگهون، جنهن ڪري اسان جو مستقبل داع تي لڳل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت هر محاذ تي پر امن احتجاج جاري رکيو ويندو.

Read Previous

دادو شهر جي GM ڪالوني جي رهواسين ڪالوني کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو

Read Next

پاڪستان تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي حلف برداري تقريب

Most Popular