دادو ( ڊ ر ) دادو شاھپور جھانيان شھر جي نوجوان ناري عنايت خاتون ٻگھيو پنھنجي ويجھي عزيز ڀان سيد آباد جي رھواسي محبوب علي ٻگھيو سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو ٖ جوڙي اعلیٰ اختيارين کان تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي ٖ اخبار وارن سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي سنگت ڪجھ سالن کان شروع ٿي ۽ شرعي نڪاح پسند جو پرڻو ڪري ورتو پرمائيٽ جان جا ويري بڻجي ويا آھن.پريمي جوڙي عنايت خاتون ٻگھيو چيو ته مان پنھنجي عزيز محبوب علي ٻگھيو سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي مون کي پنھنجن مائٽن مان خطرو آھي اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٖ محبوب علي ٻگھيو چيو ته اسان پيار جو پرڻو ڪيو آھي اسان کي ڪوبه جاني نقصان پھتو ته ان جا ذميوار منھنجي گھرواري جا مائيٽ ھوندا.