نوشهروفيروز: جمعيت علماءِ اسلام ضلع نوشهروفيروز پاران 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس جي حوالي سان موٽرسائيڪل جاڳرتا مهم ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز(ڊ ر )جمعيت علماءِ اسلام ضلع نوشهروفيروز پاران 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس جي حوالي سان موٽرسائيڪل جاڳرتا مهم ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي ريلي ۾ جمعيت جي ڪارڪنن، عالمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جيڪي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقع تي ريلي کي خطاب ڪندي قاري عبدالحق راجپوت، اڪرم علي پيرزادو، مولانا عبدالقيوم ڦل، قاري محمد اشرف ڀرٽ ۽ ٻين چيو ته ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن دهشتگردي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ۽ علمائن جو قتل عام جاري آهي پر حڪومت جي رٽ ڪاٿي به نظر نه اچي اسان امن پسند آهيون اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هنن چيو ته هن ڪٺ پتلي حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ قاديانيت وڌندي پئي وڃي جنهن ڪري رسول پاڪ جي شان ۾ گستاخي جهڙا مسئلا وڌي رهيا آهن جيڪڏهن توهان ۾ حڪومت ڪرڻ جي اهليت ناهي ته پوءِ هي ملڪ علمائن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن اسان ان کي حقيقي رياست مدينه بڻائي ڏيکارينداسين. هنن چيو ته ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ پارٽي جي حڪم تي اسان ايس ٽي پي ڪارڪنن سان گڏ هونداسين. اڳواڻن آخر ۾ نوشهروفيروز واسين کي شهيد علامه خالد محمود سومرو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.

Read Previous

دادو شاھپور جھانيان شھر جي نوجوان ناري عنايت خاتون ٻگھيو پنھنجي ويجھي عزيز ڀان سيد آباد جي رھواسي محبوب علي ٻگھيو سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

Read Next

ٻيلي کاتي جي ملي ڀڳت سان ٺٽ جاگير ٻيلي سميت سڄي تعلقي جي ٻيلن تي ڊي ايف او جي مدد سان بااثرن جا قبضا سوين ايڪڙن تي مشتمل ٻيلا تباھ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گھرجي

Most Popular