لاڙڪاڻو بيورو چيف لاڙڪاڻو جي ڊي ايڇ او ۽ ان جي سھولتڪارن کي مبينا ڪرپشن ـ پوليو پروگرام جي حساس معاملي ۾ لاپرواھي ۽ مس منيجمينٽ ڪرڻ مطئق ڊبل بينچ ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻو جي طرفان لاڙڪاڻي جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق حسين سومرو طرفان داخل ڪرايل پٽيشن تي نوٽيس جاري ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 09 ڊسمبر تي رکي ويي آهي خاص ڪري پٽيشن ۾ اھو ب ڄاڻايو ويو آهي ته ھڪ ملازم کان 5_5 ڪم ورتا پيا وڃن مثال ڪرونا ۾ ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرس پوليو ۾ ڪم پيا ڪن ـ ۽ ڪو مليريا ۾ ت ڪو ٽي بي پروگرام ۾ ت وري ڪو ويڪسينيشن جي پروگرام ۾ ملازم جيڪڏهن 5_5 ڪم ڪندو ته پوء عوام جو ڇا ٿيندو ء اهي سينٽرس تي مريضن کي رليف ڪئين ڏيندا