خير شاهه ڳوٺ وٽ ويٺل ڳوٺاڻن نوابشاهه قاضي احمد روڊ تي خير شاهه اسٽاپ وٽ بلڊر خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر)نوابشاهه ڀرسان خير شاهه ڳوٺ وٽ ويٺل ڳوٺاڻن نوابشاهه قاضي احمد روڊ تي خير شاهه اسٽاپ وٽ بلڊر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جتي مظاهرين بلڊر خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن شاهد انڙ، نذير علي سولنگي، آندل جمالي، الهه وسايو ڪاٺيو، ممتاز خاصخيلي، گلاب سولنگي، صاحب خان ڪاٺيو ۽ ٻين چيو ته اسان مال وڪرو ڪري مجيب الرحمان روشن سٽي ۾ پلاٽ ورتا جن جا اسان پيسا ڏئي چڪا آهيون ليڪن بلڊر ذيشان ملڪ، طاهر اسان جا پلاٽ ٻين مختلف ماڻهن کي وڪرو ڪري چڪا آهن پلاٽنگن واري زمين چار چار ماڻهن کي وڪرو ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري اسان کي رجسٽري نٿي ڪري ڏني وڃي هنن چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون پنهنجو اجهو ٺاهڻ جي لاءِ گهر جو سامان وڪرو ڪري پلاٽ ورتا ليڪن ذڪر ڪيل بلڊر 8 سال گذري وڃڻ باوجود اسان کي رجسٽري ڪرڻ جا صرف آسرا ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پنهنجا پلاٽ رجسٽري ڪري نه ڏنا ويا اسان بلڊر جي آفيس، مختيار ڪار آفيس ۽ نوابشاهه پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين جنهن جي ذميواري ذڪر ڪيل بلڊر تي هوندي.

Read Previous

لاڙڪاڻو جي ڊي ايڇ او ۽ ان جي سھولتڪارن کي مبينا ڪرپشن

Read Next

شيعه علماءِ ڪائونسل شهيد بينظير آباد ڊويزن جو صدر زوار محمد حسين چانڊيو جي ڀاءُ محمد قاسم چانڊيو جي وفات تي تعزيت

Most Popular