حيدرآباد (رپورٽر ) ناليواري سماجي اڳواڻ سيد ذوالفقار علي شاهه جي ڀيڻ سيد صدف شاهه سندس زال فاطمه شاهه ، ماءُ شهر بانو ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نومبر2013 ع تي علاج جي سلسلي ۾ سيد ذوالفقار علي شاهه ڀارت ويو هو ، جتان واپسي تي لاهور مان 4 نومبر تي آيو جتان کيس هڪ گاڏي ۾ ويهاري کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جو 7 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه پيو آهي . هن چيو ته ڀارتي آرمي به سيد ذوالفقار شاهه سخت ذهني پريشاني ۾ مبتلا ڪيو . جنهن سبب هو سمهي به نه سگهندو هو . هنن آرمي چيف کي اپيل ڪئي ته سيد ذوالفقار شاهه کي بازياب ڪرايو وڃي جيڪڏهن ڪو مٿس ڪيس داخل آهي ته ڪيس هلائي کيس صفائي جو موقعو ڏنو وڃي .