وفاقي حڪومت 26 نومبر کان سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد:  وفاقي حڪومت 26 نومبر کان 10 جنوري تائين سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر دوران  ڪورونا ڪيسن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪورونا پازيٽو اچڻ جي شرح 82 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب  تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ تعليم وارن وزيرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۽ خاص طور تي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيسن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شفقت محمود چيو ته 26 نومبر کان اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ٽيوشن سينٽرن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  شفقت محمود چيو ته ٻارن کي آن لائن طريقي سان تعليم ڏني ويندي. 24 ڊسمبر تائين گهرن تي تعليم جاري رهندي.  تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود فيصل سلطان سان گڏ ميڊيا تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. 11 جنوري کان سمورا تعليمي ادارا کلي ويندا. ڊسمبر ۾ ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪيا ويندا.  هن چيو ته هاسٽلز ۾ ڪجهه شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. استادن کي گهرائڻ جو فيصلو اسڪول انتظاميه ڪندي. شفقت محمود چيو ته جتي آن لائن سسٽم آهي اتي آن لائن تعليم جو سلسلو جاري رهندو ۽ جتي آن لائين نظام نه هوندو اتي استاد هوم ورڪ ڏيندا جڏهن ته ان حوالي سان فيصلو صوبائي حڪومتون ڪنديون. شفقت محمود چيو ته ڊسمبر ۾ ٿيندڙ امتحانن کي 15 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو آهي پر انٽري ليول جا امتحان روٽين موجب جاري رهندا ۽ انهن کي ايس او پيز سان شروع ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته يونيورسٽي جي هاسٽلز ۾ پري وارن علائقن مان ايندڙ  ڪجهه شاگردن کي رهڻ جي اجازت ڏني ويندي.  هن وڌيڪ ڇيو ته جنوري جي پهرين هفتي ۾ هڪ ريويوسيشن ٿيندو جنهن ۾ بيماري جي صورتحال کي ڏٺو ويندو ۽ ان موجب فيصلو ڪيو ويندو ۽ 11 جنوري تي  تعليمي ادارا ٻيهر کوليا ويندا. تعليم واري وزير چيو ته ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ جن ۾ روزاني ڪلاسز ناهن ٿينديون اهي هلندا رهندا جڏهن ته سينٽر ميڊيڪلز جي ٽريننگ جاري رهندي. شفقت محمود چيو ته سفارش ڪري رهيا آهيون ته بورڊ جا امتحان مارچ يا اپريل ۾ ٿيڻا هئا انهن کي مئي جون ۾ ورتو وڃي شاگردن کي ڪورس ورڪ مڪمل ڪرڻ وقت ملي وڃي. اهو  اها به تجويز آهي ته نئون تعليمي سال اپريل جي بجاءِ آگسٽ تائين آندو وڃي ۽ گرمين جون موڪلون گهٽ ڪيون وڃن ته جيئن تعليم جي فرق کي ڪور ڪري سگهجي. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جا تيز واري جاري آهن جنهن سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 34 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته وڌيڪ 2756 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. سرڪاري پورٽل موجب پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن سبب فوتين جو انگ 7696 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيس 3 لک 76929 تائين پهچي ويو آهي.

Read Previous

هن ڀيري بنا امتحانن جي ٻارن کي پروموٽ نه ڪيو ويندو: سعيد غني

Read Next

افغان صوبي نيمروز ۾ طالبان جو حملو، ٽي اهلڪار مارجي ويا ڇهه زخمي

Most Popular