حڪمران ڪورونا وائرس کي اپوزیشن جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن پي ڊي ايم جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي : مولانا اعظم جهانگيري

مٽياري :  حڪمران ڪورونا وائرس کي اپوزیشن جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن پي ڊي ايم جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، سنڌ ۾ مسجدن کي شهيد ڪيو پيو وڃي قومپرست پارٽين کي گهرجي ته جهڙي طرح مندرن، گرجا گهرن جي حفاظت لاءِ اڳيان اچن ٿا مسجدن واري مسئلي تي اسان جو ساٿ ڏين اسان هر جدوجهد ۾ قومپرست ڌرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا آهيون، مولانا اعظم جهانگيري تفصيل موجب جي يو آئي ف حيدرآباد جي اڳواڻ مولانا اعظم جهانگيري مٽیاري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت پي ڊي ايم جي احتجاجي تحريڪ کان خوفزدہ ٿي وئي آهي ناجائز حڪمران ڪورونا وائرس کي اپوزیشن خلاف استعمال ڪري رهيا آهن پر جنوري تائين عمران خان جي حڪومت ختم ٿي ويندي هن چيو ته سکر ۾ انگريزن جي دور جون ٺهيل مسجدون شهيد ڪيون پيون وڃن پوءِ به هي حڪمران چون ٿا اسين رياست مدينا ٺاهي رهيا آهيون پر افسوس سنڌ جون قومپرست ڌريون مسجدن واري اهم مسئلي تي خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهن اتي جيڪڏهن ڪنهن مندر يا گرجا گهر تي حملو ٿئي ها ته اڄ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل هجي ها هن چيو ته اسان سنڌ جي هر اشو تي قومپرست ڌرين جو ساٿ ڏنو آهي اهو ٻيٽن وارو اشو هجي، ٻٽي نظام وارو اشو يا وري ڪو ٻيو مسئلو اسين اڳيان اڳيان رهندا آهيون عمران خان ملڪ جي معيشت جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن جيڪڏهن کيس گهر ڀيڙو نه ڪيو ويو ته هو ملڪ لاءِ خطرو بڻجي ويندو….

Read Previous

ٽائون ڪميٽي نوشھروفيروز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء ٽائون آفيسر جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو

Read Next

حاتا محله ميھڙ ۾ 4 ڏينھن اڳ شهرين پاران موٽرسائيڪل چوري ڪندي پڪڙيل جوابدار امير سولنگي کي پوليس جوهي ڀرسان ھاف ڦرائي ڪري ڇڏيو

Most Popular