حاتا محله ميھڙ ۾ 4 ڏينھن اڳ شهرين پاران موٽرسائيڪل چوري ڪندي پڪڙيل جوابدار امير سولنگي کي پوليس جوهي ڀرسان ھاف ڦرائي ڪري ڇڏيو

ميهڙ( رپورٽ ) حاتا محله ميھڙ ۾ 4 ڏينھن  اڳ  شهرين پاران موٽرسائيڪل چوري ڪندي پڪڙيل جوابدار امير سولنگي کي پوليس جوهي ڀرسان ھاف ڦرائي ڪري ڇڏيو, پوليس پاران پريس رليز جاري ڪيل  موجب مقابلو ٿيو پنهنجن ساٿين جي گولي لڳس جنهن سبب جوابدار امير سولنگي زخمي ٿي پيو, جڏهن ته ٻئي طرف هاف فرائي ٿيل جوابدار امير سولنگي جي وارثن زال ڀاشي  امڙ بصران,  معصوم ڌيئرون فائزہ  فضان, ڀيڻ ڪونج, ڀاڄائي پروين, ڀاء شعبان سولنکي, علي خان, وزير, حميد سولنگي ۽ ٻيا پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايڇ او ميهڙ خلاف احتجاج ڪيو, ان موقعي تي هنن چيو ته ڪجه ڏينهن اڳ حتا محله ۾ ثناءالله بروهي جي موٽرسائيڪل چوري جي ڪيس ۾ پوليس امير سولنگي کي گرفتار ڪيو هو ثناءالله بروهي وارن سان راڄوڻي ڪئي هئي هنن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته جنهن بعد ايس ايڇ او ميهڙ غلام رسول پنهور اسان کان 3 لک رشوت گهري جنهن مان هڪ لک اسان کيس سندس گن مين علي شير سومرو ۽ رٽائرڊ جمعدار شمن سولنگي جي معرف اڄ 23 نومبر تي ڏنا به آهن پر ان جي باوجود ايس ايڇ او ميهڙ غلام رسول پنهور ظلم ڪري اسان جي همراه امير سولنگي کي گولي هڻي هاف فرائي ڪري ڇڏيو آهي جيڪو وڏو ظلم آهي, هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او ميهڙ خلاف ڪيس داخل ڪري انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

حڪمران ڪورونا وائرس کي اپوزیشن جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن پي ڊي ايم جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي : مولانا اعظم جهانگيري

Read Next

ن ليگ قائدين ميان نواز شريف ۔ميان شھباز شريف جي امڙ جي فوت ٿيڻ تي سوڳ سبب سنڌ ۾ اڄ کان سياسي سرگرگميون معطل رهنديون

Most Popular