خيرپور: پ ٽ الف ضلعي خيرپور جو اجلاس ضلعي صدر استاد مختيار احمد سولنگي جي صدارت ۾ پرائمري اسڪول شاهه لطيف ۾ ٿي گذري

خيرپور (ڊر) پ ٽ الف ضلعي خيرپور جو اجلاس ضلعي صدر استاد مختيار احمد سولنگي جي صدارت ۾ پرائمري اسڪول شاهه لطيف ۾ ٿي گذريو، جنهن بعد استادن ريلي ڪڍي پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي استاد مختيار احمد سولنگي، استاد خير محمد سومرو، استاد غلام سرور ڪانهر ۽ ٻين استادن ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ هڪ استاد کي چوري جو ڪوڙو الزام هڻي جبري طور رٽائرڊ ڪري ناجائزي ڪئي وئي آهي، جنهن جي خلاف آواز اٿارڻ تي لاڙڪاڻي سٽي ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جي عهديدارن 14 استادن کي جبري طور بنا ڪنهن جواز جي سسپينڊ ڪري لاڙڪاڻي کان ڪراچي رليو ڪيو ويو آهي، جيڪا استادن سان سراسر نا انصافي آهي، جنهن جي پر زور مذمت ڪريون ٿا، ان موقعي تي استادن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم کي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته سسپينڊ ڪري رليو ڪيل لاڙڪاڻي جي استادن کي بحال ڪري اسڪولن ۾ مقرر ڪيو وڃي.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان ملڪ کي بدترين آمريت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، پارليامينٽ ۾ ڪابه قانونسازي نه پئي ٿئي

Read Next

ڪشمور ٽائون ڪاميٽي مان برطرف ٿيل ملازمن جو ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيدن جي مزار آڏو احتجاج بک ھڙتال

Most Popular