بجلي ۽ پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي اگهن ۾ پندرنهن روپيه في ڪلو واڌ

اسلام آباد: ايل پي جي 15 روپيه في ڪلو واڌ کان پوءِ 132 روپين مان وڌي 147 روپيه ٿي وئي آهي.  رپورٽ موجب بجلي ۽ پيٽروليم شين کان پوءِ حڪومت طرفان عوام جي لاءِ 2021 جو هڪ ٻيو تحفو اچي ويو وفاقي حڪومت ايل پي جي اگهن ۾ هڪ رڪارڊ واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن جي تحت في ڪلو ايل پي جي 15 روپيه مهانگي ٿي وئي آهي.  ايل پي جي ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنوري 2021 کان ايل پي جي جي قيمت 132 روپيه في ڪلو جي جڳهه 147 روپيه في ڪلو ٿي وئي آهي. گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ به 180 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ گهريلو سلنڊر 1553 جي جڳهه 1733 ۾ ملي سگهندو. جڏهن ته ڪمرشل سلندر جي قيمت ۾ به 692 روپيه واڌ ڪئي وئي آهي. چيئرمين ايل پي جي ايسوسيئيشن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ ايل پي جي جي في ميٽرڪ ٽن قيمت ۾ 79 ڊالر جي واڌ ٿي آهي جنهن کان پوءِ ايل پي جي جي قيمت 457 ڊالر کان وڌي 536 ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. چيئرمين ايل پي جي ايسوسيئيشن ان حوالي سان چيو آهي ته ايل پي جي تي ليوي سميت سمورا ٽيڪس ختم نه ڪيا ويا ته 15 جنوري 2021 کان خيبر کان ڪراچي تائين گيس جي سپلائي بند ڪري ڇڏينداسين.

Read Previous

سال ٻه هزار ويهه دوران پاڪستان ۾ ٿيندڙ اهم واقعن تي هڪ نظر

Read Next

ڪي پي ڪي ۾ مندر کي ڏنل باهه واري واقعي جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular