ڪي پي ڪي ۾ مندر کي ڏنل باهه واري واقعي جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد:    چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرڪ ۾ مندر کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آءِ جي ۽ ڪي پي جي سيڪريٽري کان 4 جنوري 2021 تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ان نوٽيس جي ٻڌڻي 5 جنوري تي اسلام آباد ۾ چيف جسٽس ڪندو. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرڪ ۾ مندر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي.  چيف جسٽس پاڪستان قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار سان واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيف پيٽرن ايم اين اي رميش ڪمار چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي واقعي کان آگاهه ڪيو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مان هن واقعي جو اڳ ئي پاڻمرادو نوٽيس وٺي چڪو آهيان.  سپريم ڪورٽ رجسٽري جي ٻاهران ايم اين اي رميش ڪمار صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته مون کي حڪومت کان وڌيڪ عدليه تي ڀروسو آهي. شعيب سڊل جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهيو ويو آهي. ايم اين اي رميش ڪمار چيو ته چيف جسٽس پاڪستان کي شري پرم هنس جي مهاراج مندر کي ساڙڻ واري واقعي کان آگاهه ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته واقعي جو دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ نامزد ڪيل ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي تي وزيراعظم به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

Read Previous

بجلي ۽ پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي اگهن ۾ پندرنهن روپيه في ڪلو واڌ

Read Next

آدمشماري جو معاملو: پي ٽي آءِ جو وفد اڄ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات ڪندو

Most Popular