سکر يونين آف جرنلسٽس جي سالياني چونڊ پروگريسو جرنلسٽ پينل جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

سکر (بيورورپورٽ) سکر يونين آف جرنلسٽس جي سالياني چونڊ پروگريسو جرنلسٽ پينل جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ان سلسلي ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ سان سلھاڙيل سکر يونين آف جرنلسٽس جي سال 2021 لاءِ عھديدارن جي اليڪشن ٿي گذري سالياني اليڪشن ۾ سکر پريس ڪلب جي سربراهه لالا اسد پٺاڻ پاران جوڙيل پروگريسو جرنلسٽ پينل جي اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪو به پينل سامھون نه آيو سکر پريس ڪلب ۾ سالياني چونڊ جي سلسلي ۾ جمھوري روايتن جي برقرار رکندي سينيئر صحافين تي ٻڌل ٽي رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي پروگريسو جرنلسٽ پينل جي اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪو به اميدوار سامهون نه آيو جنھن بعد اليڪشن ڪاميٽي پاران لالا اسد پٺاڻ جي پروگريسو جرنلسٽ پينل جي سمورن امیدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو جنھن ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس جو صدر سليم سھتو. نائب صدر جلال الدين بھيو.ڻائب صدر ڪرن مرزا.جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي.جوائنٽ سيڪريٽري سيد جواد شاهه. جوائنٽ سيڪريٽري فرقان کوسو.خزانخي ڪاشف ڦلپوٽو.پريس سيڪريٽري عبدالغفور شيخ ۽ آفيس سيڪريٽري طور جھانزيب وسير چونڊجي ويا اھڙي ريت ايگزيڪيوٽو ڪميٽي لاءِ جميل سومرو.خالد محمود بٽ.مجيب ورند. فقير مشتاق منگريو.فاروق سومرو.محمد حسيب شيخ.قاضي ضياء الرحمان.عبدالحميد ڪمبوھ. مشتاق ٽانوري.اسحاق کوسو ۽ شاھد چنا کي ڪامياب قرار ڏنو ويو سکر يونين آف جرنلسٽس جي اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي سکر پريس ڪلب ۾ جشن پڻ ملھايو ويو

Read Previous

پنوعاقل پوليس پاران مبينه مقابلي۾ ھڪ فورو کي زخمي ڪرڻ جي دعوي’

Read Next

اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري جون انڪروچمينٽ خلاف ڪاروايون دڪانن اڳيان وڌايل دڪيون, صندل ۽ ريڙھا هٽائي پٽ

Most Popular