اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري جون انڪروچمينٽ خلاف ڪاروايون دڪانن اڳيان وڌايل دڪيون, صندل ۽ ريڙھا هٽائي پٽ

مٽياري . رپورٽ .اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري جون انڪروچمينٽ خلاف ڪاروايون دڪانن اڳيان وڌايل دڪيون . صندل ۽ ريڙھا هٽائي پٽ .عوامي شڪايتن کان پوء سيوريج لائين جي نيڪالي واري مين نالي جي تعمير ۽ صفائي لاء انڪروچمينٽ هٽايون پيا ماڻهن نيڪال جي نالن مٿان به قبضا ڪري ڇڏيا آهن .اسسٽنٽ ڪمشنر مٽيارتفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري ۽ ايڊمنسٽريٽر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ٽائون ڪميٽي جي مشينري ۽ پوليس اٽالا ساڻ ڪري مٽياري جي مين روڊ تان حددخليون هٽائڻ لاء آپريشن ڪيو آپريشن دوران ٽائون ڪميٽي آفيس سپريڊنٽ قاضي خيرالبشر سميت ٽائون ڪميٽي جو عملو پڻ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري سان گڏ هو آپريشن دوران شهر جي مين روڊ جي پاسي ۾ دڪانن اڳيان غير قانوني طور ٺهيل دڪيون ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا جڏهن دڪانن اڳيان رکيل صندل . گاڏا ۽ سامان پڻ هٽايا ويا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊمنسٽريٽر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي جو چوڻ هو ته شهر جي مين روڊ جي پاسي مان گذرندڙ سيوريج جي نالي تي دڪاندارن قبضو ڪري دڪا ٺاهي ڇڏيا هئا جنهن سبب نالو بند ٿي ويو آهي ۽ سيوريج جو پاڻي شهر جي روڊ تي بيٺل رهي ٿو جنهن سبب شهرين کي ڪافي مشڪلات پيش اچي ٿي هن چيو ته شهرين جي شڪايت تي نالي جي صفائي ۽ نئين سر تعمير ڪرائڻ لاء ئي نالي مٿان ٺهيل اڏايون ڊاٺيون پيون وڃن ۽ دڪانن اڳيان غير قانوني طور رکيل سامان هٽايو پيو وڃي هن چيو ته شهرين جي سهولت لاء ئي آپريشن ڪيو پيو وڃي هن چيو ته حيرت جهڙي ڳالھ آهي ته ماڻهن شهر جي نيڪال جي مين نالي مٿان به اڏاوتون ڪري ڇڏيون آهن

Read Previous

سکر يونين آف جرنلسٽس جي سالياني چونڊ پروگريسو جرنلسٽ پينل جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

Read Next

مٽياري ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ گندي پاڻي جي فراهمي خلاف جدوجهد ڪميٽي جي بک هڙتال وڏي تعداد ۾ شهرين جي شرڪت آئي جي سنڌ کان ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Most Popular