
ڪينيڊا جي شهر مسي ساگا ۾ مسجد ۾ هڪ جوابدار ڪهاڙي سان حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪري وڌو.
پرڏيهي ميڊيا موجب فجر مهل هڪ شخص ڪهاڙي سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽن موجب مسجد انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نمازين 24 ورهين جي جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.