ڪراچي جي ميئرشپ ڪنهن کي خيرات ۾ نه ڏينداسين: سعيد غني

Saeed ghani

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سراج الحق ڪهڙي اصول تي ڪراچي جي ميئرشپ جي گهر ڪري رهيو آهي؟ ڪراچي جي ميئرشپ ڪنهن کي خيرات ۾ نه ڏينداسين.

پنهنجي بيان ۾ سعيد غني چيو ته پ پ ڪنهن کي جنت جا خواب ناهن ڏيکاريا، ڪارڪردگي تي ووٽ ورتا آهن.

هن چيو ته پ پ خدمت ڪري عوام جون دليون کٽيون آهن، ايم ڪيو ايم ميدان خالي نه ڇڏي ها ته جماعت اسلامي جو ڪو وجود نه هجي ها.

سعيد غني چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي مان پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي کي ڪجهه نه ملندو، پي ٽي آءِ کانپوءِ جماعت اسلامي اليڪشن ڪميشن کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي.

Read Previous

ججز جو فيصلو موقف جي فتح، بينچ منصفاڻي نه ٺهي ته فيصلو انصاف وارو ڪيئن لڳندو، مريم نواز

Read Next

مراد علي شاهه جي ڀريا سٽي ۾ بي آءِ ايس پي رجسٽريشن سينٽر جو دوري دوران شڪايتن جا انبار

Most Popular