لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
اسلام آباد : سمنڊ پار پاڪستانين ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير ساجد طوري حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن جي پرڏيهه وڃڻ ۽ اچڻ جو سبب ملڪ جون خراب معاشي حالتون نه پر حڪومت جون شاندار پاليسيون آهن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ساجد طوري اعلان ڪيو ته رڳو گذريل 8 مهينن ۾ 6 لک 54 هزار ماڻهن کي پرڏيهه موڪليو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جا 27 هزار پاسپورٽ رينيو ڪيا پيا وڃن.
وفاقي وزير انساني اسمگلرن جي گرفتاري لاءِ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ناقص ڪوششن تي مايوسي جو اظهار ڪيو.
هن دعويٰ ڪئي ته سمگلرز خلاف ڪارروائي انتهائي ناقص هئي، جڏهن ته هن مذموم ڪاروبار ۾ افغان ايجنٽ ملوث آهن.
ساجد طوري اعلان ڪيو ته سندس وزارت جاپان ۽ آسٽريليا سان معاهدن تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن بيروزگار نوجوانن کي قانوني طور تي ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.