وزيراعظم شهباز شريف جي عمران خان سان نرم رويو اختيار ڪرڻ تي عدليه تي تنقيد

Shehbaz sharif

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي ملڪ جي معاشي بحران، دهشتگردي، آئين ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي جا الزام هنيا.

انهن الزامن باوجود شهباز شريف سندس خلاف سخت ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ ضمانت نه ڏيڻ تي عدليه تي تنقيد ڪئي.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين جيڪو هاڻي 50 سال پراڻو آهي، ان لاءِ ٺاهيو ويو ته ادارن ۾ اختيارن جي ورهاست ۽ ريڊ لائين قائم ڪئي وڃي، جنهن کي ڪير به پار نه ڪري سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته موجوده قانون سازي ۽ عدليه جي اختيارن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ آئين جو مذاق اڏايو پيو وڃي.

شهباز شريف عمران خان کي لاڏلو قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته هن بار بار عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پاسو ڪيو ۽ کيس ڪيترائي نوٽيس ملڻ باوجود واڌ ڏني وئي.

هن عمران خان تي عدليه جو مذاق اڏائڻ ۽ عورت جج بابت نامناسب بيان ڏيڻ تي به تنقيد ڪئي.

ٻئي طرف هن نئين آرمي چيف جي مقرري بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي، سندس چوڻ هو ته جنرل عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ جنرل ساحر کي چيئرمين جوائنٽ چيفس مقرر ڪرڻ جو فيصلو 100 سيڪڙو ميرٽ تي سندس ڪابينا جي مڪمل مشاورت سان ڪيو ويو آهي.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته آرمي چيف هڪ پروفيشنل هو، جنهن پنهنجي ڪيريئر دوران وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، اعزازي تلوار به حاصل ڪئي، قرآن جو حافظ هئڻ جي باوجود پاڻ کي قابل ۽ لائق اڳواڻ ثابت ڪيو اٿس.

شهباز شريف لنڊن ۾ پي ٽي آءِ پاران پاڪستان جي هٿياربند فوج جي قيادت خلاف استعمال ڪيل ٻولي تي به مايوسي جو اظهار ڪيو.

هن دعويٰ ڪئي ته اهڙي وحشياڻي ٻولي جو 75 سالن ۾ تصور به نه ڪيو ويو هو، اهڙي ريت پاڪستان تي حملو ناقابل قبول آهي.

شهباز شريف آخر ۾ چيو ته اهڙو رويو ناقابل قبول آهي، آئين ۽ ان جي اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

Read Previous

حڪومت پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جي حق تي قانون سازي ڪندي

Read Next

خراب معاشي صورتحال نه پر حڪومتي پاليسي ذريعي نوجوان پرڏيهه وڃن پيا: وفاقي وزير

Most Popular