پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران انڊر 13 ۽ انڊر 16 انٽر ريجن ٽورنامنٽس جي شيڊول جاري

PCB

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انٽر ريجن انڊر 13 ۽ انٽر ريجن انڊر 16 ون ڊي ٽورنامينٽ 2022-23 جي ٽه رخي مرحلي جي تفصيلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

29 اپريل کان شروع ٿيندڙ 30 اوور انڊر 13 ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي، لاهور ۽ پشاور جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

50 اوورن جي انڊر 16 ٽورنامينٽ ۾ فاٽا، ڪراچي ۽ لاهور ريجن جون ٽيمون 30 اپريل کان شروع ٿيندڙ مرحلي ۾ آمهون سامهون ٿينديون.

انڊر 13 ۽ انڊر 16 ٽورنامينٽ ۾ ٽاپ ٻه ٽيمون ترتيبوار 5 ۽ 6 مئي تي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون.

انٽر ريجن انڊر 13 ون ڊي ٽورنامينٽ ۾ 29 اپريل تي لاهور ريجن جو مقابلو پشاور ريجن سان ٿيندو.

پهرين مئي تي ڪراچي ريجن جو مقابلو پشاور ريجن سان ٿيندو، جڏهن ته ڪراچي ريجن جو 3 مئي تي لاهور ريجن سان مقابلو ٿيندو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ فائنل سميت سمورا ميچ ڊويزنل پبلڪ اسڪول فيصل آباد ۾ کيڏيا ويندا.

Read Previous

ثقلين مشتاق نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪنسلٽنٽ مقرر

Read Next

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ پاڪستان جي ميچن جي ميزباني بنگلاديش کي ملڻ جو امڪان

Most Popular