ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: ڊي سي سانگهڙ

Dc Sanghar

سانگھڙ (رپورٽ آصف مري) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد چيو آهي ته ڪڻڪ جو ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ضلعي جي حدن کان ٻاهر ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي برقرار رکي ويندي ته جيئن ڪڻڪ جي خريداري مقرر ڪيل حدف موجب ممڪن ٿي سگهي.

اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ پنهنجي آفيس ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسرن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد وڌيڪ چيو ته ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن جي ڪڻڪ سرڪاري قبضي ۾ وٺي خوراڪ کاتي جي ويجهي گودام ۾ منتقل ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پورو ڪري سگهجي.

ان موقعي تي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر شهزاد حيدر شاهاڻي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل هدف لاءِ سانگهڙ ضلعي ۾ خوراڪ کاتي 37 خريداري مرڪز قائم ڪيا آهن ۽ 3 لک ٻوري ڪڻڪ جي سرڪاري گودامن ۾ جمع ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته حڪومت سنڌ پاران 11 لک ٻورين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو جلد پورو ڪيو ويندو، ان مقصد لاءِ ضلعي جي اندرين ۽ ٻاهرئين روڊن تي پوليس پڪيون قائم ڪري ڪڻڪ جي چرپر ۽ ڪڻڪ جي ضلعي کان ٻاهر وڃڻ کي روڪيو پيو وڃي ۽ ڪڻڪ کي ڪنهن ويجهي سرڪاري گدام ۾ خالي ڪيو پيو وڃي.

ان موقعي تي خوراڪ کاتي جا آفيسر، سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.

Read Previous

مٽياري ۾ ڪار مان سوپارين جي چوري جا 50 ڪٽا هٿ، 2 جوابدار گرفتار

Read Next

ڪوٽڙي ۾ نوجوان کي روزگار بهاني گهرائي تشدد خلاف هيومن رائٽس فائونڊيشن جو احتجاج

Most Popular