زرداري ليگ قسم کنيو آهي ته هر ڀيري ڌانڌلي سان ايندي: لياقت جتوئي

دادو (رپورٽ: سخي سردار چارڻ ) پاڪستان تحريڪ انصاف سينيئر اڳواڻ اڳوڻو وزيراعلي لياقت علي خان جتوئي ڳالھائيندي چيو ته پي پي پي ظلم ۽ زيادتين جي انتھا ڪري ڇڏي آھي زرداري ليگ پارٽي قسم کنيو آ ته ھو اليڪشن ۾ ڌاندلي ڪري ايندا اپوزيشن جي بغير جھموريت ھلي نه سگھي پر زرداري ليگ نٿي چاھي ته انهن جي سامهون اپوزيشن ھجي.

ھن چيو ته گذريل بلدياتي اليڪشن ۾اسان جا پي ٽي آء اميدوار ميھژ مان 8 سيٽن تان ڪامياب ٿيا آھن ۽ زرداري ليگ وارا 5 سيٽن تان اھا رزلٽ به انهن کان ھضم نٿي ٿئي ڇو جو ھي ميونسپل کي اي ٽي ايم مشين سمجهي اتان عياشيون ڪندا آهن.

ھن چيو ته ھنن سڄي سنڌ کي تباه برباد ڪري ڇڏيو آهي گذريل اليڪشن ۾ ھنن جي ايجنٽن جي سامهون گڻپ ٿي آ 11 ۽ 12 فارم سان اسان کي اليڪٽ قرار ڏنو آهي ۽ فارم 14 تي آراو رزلٽ ڏني آهي جنهن ۾ اسان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي .

لياقت جتوئي چيو ته ھاڻي زرداري ليگ ٻيهر گڻپ جي پٽيشن ان لاءِ داخل ڪئي آهي ڇو جو ڊي آر او ۽ آر او ھنن سان مليل آهن اسٽيمپنگ باڪس بيلٽ پيپر سيل ھنن وٽ آھن، ھنن ڌاندلي ڪري ڊٻا ڀري ڇڏيا آھن ھاءڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آ فيصلو رھيل آھي.

Read Previous

عمران نيازي هڪ فلاپ رانديگر آهي، سندس سياست ختم ٿي ويندي: عاجز ڌامراهه

Read Next

Business Development Supervision – five Skills Approach to Achieve Success

Most Popular