معين علي چنائي ۾ اسپن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي خوش

Moeen Ali

نئين دهلي: چنائي سپر ڪنگز جي آل رائونڊر معين علي جو چوڻ آهي ته کيس ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جي آئي پي ايل ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسپن جي استعمال تي ڪو اعتراض ناهي.

35 سالن جي رانديگر ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ ۾ گجرات ٽائيٽنز خلاف بالنگ نه ڪئي، جنهن پنج وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، پر لکنؤ خلاف 26 رنسن تي 4 وڪيٽون ورتيون.

چنائي هاءِ اسڪورنگ مقابلي ۾ 12 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جتي ٻنهي ٽيمن 200 رنسن جو انگ پار ڪيو.

ڌوني سان گڏ معين ۽ مچل سينٽنر پنج وڪيٽون ورتيون ۽ اٺن گڏيل اوورن ۾ 47 رنسون ڏئي ميچ کي چنائي جي حق ۾ تبديل ڪيو.

پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگلش رانديگر چيو ته مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ وانگر بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيترو محنت ڪري سگهيس، اسپن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته انهن وٽ وڏا هٽر آهن، ان ڪري ته توهان انهن رانديگرن سان مقابلو نٿا ڪري سگهو، پر اسان سٺي بالنگ پارٽنرشپ ڪئي، تنهنڪري اها فتح حاصل ڪئي.

Read Previous

پي سي بي محمد عامر جي واپسي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

Read Next

وفاقي ڪابينا چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي اقليتي بينچ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

Most Popular