عمران خان جو اسلام آباد پوليس آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جتي کيس 9 مختلف ڪيسن ۾ طلب ڪيو ويو هو.

اسلام آباد پوليس اڳوڻي وزيراعظم کي 2 ڪيسن ۾ 11 اپريل ۽ ٻين 7 ڪيسن ۾ 12 اپريل تي طلب ڪيو هو.

هوڏانهن پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ٻئي ڏينهن پوليس آڏو پيش نه ٿيندو.

هوڏانهن اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي عمران خان کي توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

توشه خانه ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم کي طلب ڪيو ويو آهي.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال طرفان جاري ڪيل سمن ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي 11 اپريل تي صبح 8:30 وڳي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جيڪو پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

Read Previous

سينيٽ ۾ قومي ۽ چئن صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور

Read Next

گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جون تياريون مڪمل

Most Popular