گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جون تياريون مڪمل

سنڌ پوليس جي دعويٰ آهي ته گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پوليس اختيارين موجب راونتي ۾ ڌاڙيلن جو گهيرو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌو درياهه تي 60 چيڪ پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريشن ۾ 8 هزار پوليس اهلڪار حصو وٺندا، 60 چيڪ پوسٽن مان هر هڪ تي 8 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وارن سمورن رستن تي سخت نگراني کي يقيني بڻايو ويندو.

آءِ جي سنڌ 60 چيڪ پوسٽن تي 480 اهلڪارن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هو پاڻ اڄ ۽ سڀاڻي لاڙڪاڻي ۽ ڏهرڪي ۾ آپريشن جو جائزو وٺندو.

Read Previous

عمران خان جو اسلام آباد پوليس آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

Read Next

اليڪشن خرچن جو بل ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش

Most Popular