اليڪشن خرچن جو بل ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ بابت بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو.

سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) کي 21 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ ڏنل مهلت کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اهو قدم کنيو ويو.

اجلاس دوران اسحاق ڊار واضح ڪيو ته بل جو مقصد اليڪشن ڪميشن کي آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ مدد ڏيڻ آهي، هاڻي اها پارليامينٽ جي ذميواري آهي ته اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري.

اسحاق ڊار ملڪ کي ڊفالٽ مان ڪاميابيءَ سان بچائڻ کانپوءِ ترقي جي اهميت کي به اجاگر ڪندي چيو ته گذريل چونڊيل (پي ٽي آءِ) حڪومت جي خاتمي کانپوءِ معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو.

ناڻي واري وزير چيو ته اسان پنهنجو ڌيان معاشي استحڪام کان هٽائي ترقي ڏانهن وڌايو آهي، اسان جو مقصد پاڪستان کي ٻيهر ترقي جي راهه تي آڻڻ آهي.

ملاقات دوران اسحاق ڊار اها به دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ ملڪ کي ڏڦيڙ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نه پئي ڏي.

Read Previous

گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جون تياريون مڪمل

Read Next

آصف زرداري جو حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ غير مشروط ڳالهين تي زور

Most Popular