قومي اسيمبليءَ جو ان ڪيمرا اجلاس، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي شرڪت

قومي اسيمبلي جو ان ڪئميرا اجلاس جاري آهي، جنهن جي صدارت اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪري رهيو آهي.

ان ڪئميرا اجلاس جي موقعي تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ملازمن کانسواءِ سڀني کي پارليامينٽ هائوس مان واپس موڪليو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن، وزيرن ۽ صلاحڪارن کان علاوه آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم خاص طور تي شريڪ آهن.

قومي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪئميرا اجلاس ۾ آرمي چيف جي آمد تي پارليامينٽ ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، اسان جي شهيدن جي عظيم قربانين سان ملڪ ۾ امن بحال ٿيو، چئن سالن ۾ اها ڪوشش ضايع ٿي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاڪ فوج جا عملدار ملڪي سلامتي کي پيش ايندڙ اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجز تي بريفنگ ڏيندا.

ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته اڄ قومي اسيمبلي کي ان ڪيمرا بريفنگ ڏني ويندي، ميمبر چاهين ته سوال ڪري سگهندا.

هن چيو ته صورتحال کي خراب ڪرڻ لاءِ بلڪل ڪجهه نه ڪيو ويندو پر صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

Read Previous

چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 8 ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

Read Next

پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهڻ بابت سوچي رهيو آهيان، وسيم اڪرم

Most Popular