چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 8 ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت سپريم ڪورٽ جي 8 ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو.

ميان دائود ايڊووڪيٽ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ 8 ججن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کانسواءِ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر کي به ڌر بڻايو ويو آهي.

جسٽس مظهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد کي به ريفرنس ۾ ڌر بڻايو ويو آهي.

آئين جي آرٽيڪل 209 ۽ ججز جي ضابطه اخلاق جي سيڪشن 3 کان 6 ۽ 9 جو حوالو ڏنو ويو آهي.

سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ريفرنس موجب پارليامينٽ مان منظور ڪيل بل کي ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ويو، جنهن لاءِ 8 رڪني غير آئيني بينچ به جوڙي وئي.

ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف حڪم نامو عدالتي ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.

ججن خلاف ريفرنس جي ڪاپي جسٽس فائز عيسيٰ، جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس منصور کي موڪلي وئي آهي.

ريفرنس جي ڪاپي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي به موڪلي وئي آهي.

Read Previous

پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اسٽيٽ بينڪ کي فنڊز اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪرڻ جو حڪم

Read Next

قومي اسيمبليءَ جو ان ڪيمرا اجلاس، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي شرڪت

Most Popular