پاڪستان جو دورو اسان جي ٽيم لاءِ سٺو هوندو، ٽام ليٿم

نيوزيلينڊ ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿم چيو آهي ته پاڪستان جو دورو اسان جي ٽيم لاءِ سٺو ثابت ٿيندو.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽام ليٿم چيو ته پاڪستان جي معياري ٽيم خلاف کيڏنداسين، جيڪو وڏو چئلينج هوندو.

هن چيو ته يقينن سينيئر رانديگرن کي ياد ڪنداسين، سينيئر رانديگرن جي غير موجودگي ۾ باقي رانديگرن کي موقعو ڏنو آهي.

ٽام ليٿم چيو ته هتي جون حالتون نيوزيلينڊ جي مقابلي ۾ بلڪل مختلف آهن، پاڪستان جي حالتن کي جلد کان جلد سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ڪيوي ٽيم جي ڪپتان چيو ته اسان انهن رانديگرن تي ڀروسو ڪنداسين جيڪي انهن حالتن ۾ کيڏيا آهن.

Read Previous

پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهڻ بابت سوچي رهيو آهيان، وسيم اڪرم

Read Next

راني مکرجي جي ڌيءَ سندس فلمون ڇو ناهي ڏسندي؟

Most Popular