واٽس ايپ اضافي سيڪيورٽي فيچرز جو اعلان ڪري ڇڏيو

معروف ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ اضافي سيڪيورٽي فيچرز جو اعلان ڪيو آهي، جيڪي ايندڙ مهينن ۾ شامل ڪيا ويندا.

انهن خاصيتن ۾ اڪائونٽ سيڪيورٽي، ڊيوائس جي تصديق ۽ خودڪار سيڪيورٽي ڪوڊ شامل آهن، ڇو ته ڪمپني کي يقين آهي ته توهان جا پيغام ذاتي ڳالهين جيان نجي ۽ محفوظ هجڻ گهرجن.

واٽس ايپ موجب جيڪڏهن توهان کي پنهنجو واٽس ايپ اڪائونٽ نئين ڊوائيس تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان ٻه ڀيرا چيڪ ڪرڻ چاهيون ٿا ته اهي واقعي توهان آهيو.

هي خاصيت توهان جي اڪائونٽ کي ٻئي ڊوائيس تي منتقل ڪرڻ جي غير مجاز ڪوشش کان توهان کي خبردار ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.

واٽس اپ موجب موبائيل ڊيوائس مالويئر اڄڪلهه ماڻهن جي پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو توهان جي اجازت کانسواءِ توهان جي فون جو فائدو وٺي سگهي ٿو ۽ ناپسنديده پيغام موڪلڻ لاءِ توهان جي واٽس اپ کي استعمال ڪري سگهي ٿو.

Read Previous

مودي جو برطانيا کان خالصتان جي حمايت ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو مطالبو

Read Next

ٺٽي ويجهو ڪينجهر ڪناري تي ڏاڏا آدم گندرو جي والد جي پهرين ورسي تقريب

Most Popular