ترقياتي فنڊ روڪي پگهارون وڌائڻ گهرجن: خورشيد شاهه

پ پ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي ان کي حل ڪيو ويندو، عوام کي مهانگائي کان بچائڻ اسان جي ذميواري آهي.

سکر ۾ ضلعي ڪائونسل هال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ ۾ تجويز ڏيندس ته ملازمن جي پگهارن ۾ 30 کان 35 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار وڌائي 35 هزار تائين ڪئي وڃي.

هن چيو ته اڄ جمهوريت کي خطرو آهي، جمهوري قوتن کي ملڪ ۽ عوام کي بچائڻ لاءِ سوچڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان پارليامينٽ کي طاقتور نه بڻائينداسين ته عوام طاقتور نه ٿي سگهندو.

وفاقي وزير چيو ته اڄ ادارن ۾ ٽڪراءُ آهي، جنهن سبب پاڪستان ڪمزور ٿي رهيو آهي، سياستدانن جو فرض آهي ته عوام کي کارائڻ جا طريقا ڳولين.

پ پ اڳواڻ چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ تعليم جي حوالي سان بهتر قدم کنيا آهن، سکر ۾ هڪ به يونيورسٽي نه هئي، اڄ 5 ۽ 6 ٺهڻ واريون آهن.

هن چيو ته ايڪسپورٽ زون لاءِ 400 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، جنهن سان 20 هزار ماڻهن کي روزگار ملندو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان به ڪم ڪنداسين ته عوام اسان کي ٻيهر چونڊرائيندو، سياستدان جو ڪم ڳالهيون ڪرڻ نه پر عوام جي خدمت ڪرڻ آهي.

هن اهو به چيو ته ليور ٽرانسپلانٽ لاءِ ڀارت وڃڻو پوندو هو، هاڻي سنڌ ۾ مفت علاج ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

مون کي خبر آهي ته پاڻي هر گهر ۾ اچي سگهي ٿو: گورنر سنڌ

Read Next

ڊانس ۽ آئون ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهيون، فواد خان

Most Popular