باجوه آمريڪا ۽ سعودي سان اسان جي حڪومت جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي مهم هلائي، عمران خان

عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته باجوه منهنجي حڪومت جا آمريڪا ۽ سعودي عرب سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي جنهن جو مقصد سندس ملازمت وارو مدو وڌائڻ هو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران پنهنجي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته گذريل ڀيري عدالت آپريشن روڪيو پر پوليس گهر جو گهيرو ڪيو، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته عيد تي زمان پارڪ ۾ هڪ ٻيو آپريشن ٿيندو ۽ مون کي ڊپ آهي ته اتي خونريزي ٿيندي.

عمران خان عدالت کي پوليس آپريشن روڪڻ جي درخواست ڪندي چيو ته هو اليڪشن هارائڻ کان ڊڄن ٿا، هو نه رڳو مون کي جيل ۾ وجهڻ چاهين ٿا پر مون کي مارڻ چاهين ٿا، ان کان اڳ به حملو ٿيو ۽ الله بچايو.

بعد ۾ عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته آئين موجب ڳالهين جي ڪا ضرورت ناهي، 90 ڏينهن کان ٻاهر چونڊون نٿيون ٿي سگهن، آئين جي مدي کان ٻاهر چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، قانوني ڌريون متفق آهن.

عمران خان چيو ته 90 ڏينهن کانپوءِ نگران حڪومت جي ڪابه آئيني حيثيت نه رهندي، 90 ڏينهن کانپوءِ جيڪو ڪجهه ڪندا اهو غير آئيني هوندو، انهن کي هٽايو وڃي ۽ اهڙو ايڊمنسٽريٽر لڳايا وڃن، جن جو ڪم رڳو چونڊون ڪرائڻ آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هي نگران حڪومت ڪنهن ٻئي ايجنڊا تي آئي آهي، نگران حڪومت چونڊون ڪرائڻ کانسواءِ سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، هي نگران حڪومت انتقامي ڪارروائي ڪري رهي آهي جيڪا چونڊيل حڪومتن ڪڏهن به ناهي ڪئي، نواز شريف جو واعدو هو، تحريڪ انصاف کي ڀت سان لڳائڻ ۽ نواز شريف جا ڪيس ختم ڪرڻ جي ايجنڊا تي عمل ٿي رهيو آهي.

Read Previous

پاڪستان بار سپريم ڪورٽ بل تي اسٽي آرڊر خلاف سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

عمران خان يقين ڏياريو ته آمريڪا جو مخالف ناهي: آمريڪي پارليامينٽ ميمبر بريڊ شرمين

Most Popular