عمران خان يقين ڏياريو ته آمريڪا جو مخالف ناهي: آمريڪي پارليامينٽ ميمبر بريڊ شرمين

واشنگٽن: آمريڪي اسيمبلي ميمبر بريڊ شرمين ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو آمريڪا ۾ عمران خان لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب آمريڪا جي حڪمران پارٽي جي سينيئر قانون ساز بريڊ شرمين چيو آهي ته اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم عمران خان يقين ڏياريو آهي ته هو آمريڪا خلاف ناهي.

ڪيليفورنيا جي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمين ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته هو پاڪستان ۾ عمران خان جي اقتدار ۾ واپسي لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي.

بريڊ شرمين تصديق ڪئي ته هن تازو ئي عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ۽ پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خدشن جو اظهار ڪيو هو.

بريڊ شرمين موجب ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان آمريڪا سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو قانون جي حڪمراني تي يقين رکي ٿو.

واضح رهي ته بريڊ شرمين پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ گرفتارين جي حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن کي خط لکيو هو.

Read Previous

باجوه آمريڪا ۽ سعودي سان اسان جي حڪومت جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي مهم هلائي، عمران خان

Read Next

پاڪستان جي فٽبال ٽيم جون ۾ ڀارت ويندي

Most Popular