لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جي 29هين چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.
حلف برداري جي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي نين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان حلف ورتو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حلف برداري تقريب ۾ سندس گهر واري سرينا فائز عيسيٰ، سينئر ججز، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چئني صوبن جي گورنرز، آرمي چيف جنرل عاصم منير، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سميت وفاقي وزيرن ۽ وڪيلن به شرڪت ڪئي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 5 سيپٽمبر 2014 تي سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت ۾ حلف کنيو هو 2019 ع ۾ صدارتي ريفرنس بعد سينئر ترين جج هئڻ باوجود کيس ٽن سالن کان ڪنهن به آئيني ڪيس جي بئنچ ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.