ڪراچي: برنس روڊ تي ڏوهارين جي ڦرلٽ، ڪار سوار جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي جي علائقي برنس روڊ تي ڏوهارين جي ڦرلٽ دوران ڪار سوار جي فائرنگ دوران 2 ڦورو مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدارن برنس روڊ تي هڪ ڪار سوار کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڪار سوار فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڦورو زخمي ٿي پيا. پوليس موجب هڪ جوابدار اپستال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 جوابدارن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ان حوالي سان ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا چيو آهي ته 3 جوابدارن ڪار سوار شهري کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته گشت تي مقرر اهلڪارن شهري سان ملي مقابلو ڪيو. مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ زخمي حالت ۾ علاج هيٺ آهي. اسد رضا چيو ته جامعه ڪلاٿ ويجهو جوابدارن جي موٽر سائيڪل به ملي وئي آهي. مارجي ويل ۽ زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

ٻئي پاسي سپر هاءِ وي سبزي منڊي ويجهو پوليس مقابلي ۾ 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدار حبيب الله ۽ علي سبزي منڊي ويندڙ واپارين کان ڦرلٽ ڪندا هئا.

Read Previous

جڏهن عمران خان نيب قانون تبديل ڪيا ان وقت بنديال ڪٿي هو: شهباز شريف

Read Next

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي 29هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

Most Popular