فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار فياض شاهه جو ڀائيٽيو شاهزيب شاهه گرفتار

راڻيپور: فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار فياض شاهه جو ڀائيٽيو شاهزيب شاهه گرفتار، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ آپريشن ڪيو ويو

ليڊي پوليس پاران حويلي جي مختلف حصن جي جهڙتي ورتي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فياض شاهه ۽ حنا شاهه اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، سندن گرفتاري تائين آپريشن ۽ ڇاپن جو سلسلو جاري رهندو

پوليس موجب گرفتار پير اسد شاهه جي موبائيل جي فارينزڪ رپورٽ جلد اچي ويندي، روپوش جوابدارن جي گرفتاري تائين حتمي چالان پيش نٿو ڪري سگهجي

آءِ جي سنڌ فاطمه ڦرڙو ڪيس جو هڪ ٻيو جاچ آفيسر به تبديل ڪري ڇڏيو ڊي ايس پي صفيع الله سولنگي ڪيس جو وقتي جاچ آفيسر مقرر، ڊي آءِ جي سکر سان ملاقات دوران فاطمه ڦرڙو جي وارثن جاچ ۽ پوليس جي ڪارڪردگي مان بي اطميناني ظاهر ڪئي هئي

فاطمه جي امڙ شبنم ڦرڙو چيو ته جيڪڏهن پوليس به ساٿ ڇڏي ڏنو ته پنهنجي ڌيءَ جو اڪيلي سر به ڪيس وڙهنديس، مان پنهنجي ڌيءَ جي قاتل پيرن کي نه ڇڏينديس

ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو فاطمه ڦرڙو خانواهڻ ۾ فاطمه جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته قتل ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا

Read Previous

ڪوٽ لالو ۾ آپگهات ڄاڻايل ناريءَ جي ڀاءُ هٿان قتل جو انڪشاف

Read Next

برطانيه جي شهر مانچسٽر جا مقامي ماڻهو گلابي ڪبوتر کان ڇو ڊڄن ٿا؟

Most Popular