انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ جو شروعاتي ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان جي 15 ممڪن رانديگرن ۾ بابر اعظم، شاهين شاهه آفريدي، امام الحق، عبدالله شفيق، فخر زمان شامل هوندا.
محمد رضوان، افتخار احمد ۽ سعود شڪيل کي به امڪاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سلمان علي آغا، شاداب خان ۽ محمد نواز به ممڪن اسڪواڊ جو حصو هوندا، حسن علي ۽ ابرار احمد جي ٽيم ۾ شموليت جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فهيم اشرف، محمد حارث، اساما مير ۽ وسيم جونيئر جي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان آهي.