شاهه رخ خان ايشيا ڪپ کٽڻ تي مداحن کي سرپرائز ڏئي ڇڏيو

بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان ايشيا ڪپ 2023 کٽڻ جي خوشي ۾ پنهنجي مداحن کي سرپرائز ڏنو.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي ڪنگ خان جي فين پيج ذريعي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ بالي ووڊ بادشاهه کي ايشيا ڪپ 2023 جي فتح جو جشن ملهائيندي پنهنجي رهائشگاهه ’مانٽ هائوس‘ جي ٻاهران ڏٺو وڃي ٿو.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فتح جو جشن ملهائڻ لاءِ شاهه رخ خان جا مداح سندس گهر ٻاهران گڏ ٿيا، جڏهن ته ڪنگ خان به مداحن کي سرپرائز ڏيندي پنهنجي جهلڪ ڏيکاري.

ان موقعي تي نيري جرسي ۾ ملبوس مداحن سان ملڻ بالڪوني ۾ پهتو ڪنگ خان پنهنجي مخصوص انداز ۾ مداحن جو کليل هٿن سان استقبال ڪيو.

شاهه رخ خان جي سوشل ميڊيا تي سرگرم هجڻ جي مٿين وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

Read Previous

ڪئناڊا هندستان لاءِ شيڊول واپاري مشن ملتوي ڪري ڇڏيو

Read Next

ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جو 15 رڪني اسڪواڊ جو شروعاتي ڊرافٽ تيار

Most Popular