هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت ملوث قرار: سفارتڪار ۽ را جو سربراهه ملڪ بدر

ڪيناڊا جي سرڪار سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت کي ملوث قرار ڏيندي ڀارتي سفارتڪار ۽ ڀارتي ڳجهي اداري را جي سربراهه کي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي

ڪيناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارتي حڪومت جي ملوث هئڻ جي نشاندهي ٿي آهي

پارليامينٽ کي خطاب ۾ جسٽسن ٽروڊو چيو ته انٽيليجنس هرديپ جي موت ۽ ڀارتي حڪومت وچ ۾ تعلق جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي

هرديپ سنگهه جي قتل جو معاملو جِي ٽوينٽي ڪانفرنس ۾ ڀارتي وزيراعظم آڏو اٿاريو هو، ڀارت قتل جي جاچ ۾ سهڪار ڪري، ڪيناڊا جي سرزمين تي شهريءَ جي قتل ۾ پرڏيهي حڪومت جو ملوث هئڻ اسان جي خودمختياري جي خلاف آهي

جسٽسن ٽروڊو جي خطاب بعد ڪينيڊين پرڏيهي وزير ميلانيا جولي اعلان ڪيو ته سينيئر ڀارتي سفارتڪار ۽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي سربراهه کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي آهي، خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه کي ڪيناڊا ۾ گردواري آڏو 18 جون تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو

هرديپ سنگهه جي قتل خلاف سک برادري لنڊن سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا هئا

Read Previous

سنڌ ۾ پابندي باوجود ڀرتي ڪيل ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهنديون

Read Next

هرديپ سنگهه جو قتل: ڀارت پاران ڪينيڊين حڪومت جا الزام کل جوڳا قرار

Most Popular