هرديپ سنگهه جو قتل: ڀارت پاران ڪينيڊين حڪومت جا الزام کل جوڳا قرار

ڪيناڊا جي سرڪار پاران سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ وارن الزامن بعد ڀارت وڦلڻ لڳو آهي، ڀارتي پرڏيهي وزارت ڪينيڊين حڪومت جي الزامن کي کل جوڳو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو

ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت هڪ جمهوري رياست آهي، جيڪا قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ پرعزم آهي

ڀارت موجب اهڙا بي بنياد الزام خالصتان تحريڪ جي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کي ڪيناڊا ۾ پناهه ڏيڻ واري معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هنيا ويا آهن

ڪيناڊا جي سرڪار الزام هڻڻ بدران پنهنجي سرزمين تي سرگرم ڀارت مخالف ٽولن خلاف ڪارروائيون ڪري

Read Previous

هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت ملوث قرار: سفارتڪار ۽ را جو سربراهه ملڪ بدر

Read Next

چندريان 3 لانچ پيڊ تيار ڪرڻ وارا ٽيڪنيشن پگهار نه ملڻ سبب مشڪلاتن جو شڪار

Most Popular