انجيڪشن سان اکين جي روشني وڃڻ وارو معاملو: لاهور کان پوءِ ملتان ۽ صادق آباد ۾ به نوان ڪيس رپورٽ

لاهور ۽ قصور ۾ اکين جون جعلي انجيڪشنون لڳڻ سبب اکين جي روشني متاثر ٿيڻ کان پوءِ هاڻ ملتان ۽ صادق آباد ۾ به ساڳيا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

صحت بابت نگران وزير ڊاڪٽر جاويد اڪرم موجب ملتان، صادق آباد ۾ به اکين جي روشني متاثر ٿيڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ٻئي طرف صحت بابت نگران وزير ڊاڪٽر جمال ناصر چيو آهي ته لاهور، قصور، ملتان ۽ صادق آباد ۾ به ڌار ڌار ڊيلرز جعلي انجيڪشن وڪرو ڪري رهيا هئا.

نگران صحت واري وزير موجب پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جعلي انجيڪشن جي وڪرو جو ڪاروبار ڪندڙن جو ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون. جعلي انجيڪشن وڪرو ڪندڙ نيٽ ورڪ جو ڪوبه ماڻهو اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.

پنجاب جي صحت واري وزير جعلي انجيڪشن تيار ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

سنڌ جي گورنر سان نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جي ملاقات، معاشي مسئلن تي ڳالهيون

Read Next

پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪندڙ افغان شهرين جو انگ 37 لک تائين پهچي ويو

Most Popular