يوٽيوبر ابراهيم الشامي ۽ سندس 8 مهينن جي ڌيءَ سعودي عرب ۾ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب حادثو 2 گاڏين جي ٽڪر سبب پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ٿيو.
عرب ميڊيا موجب ابراهيم الشامي جي شادي 2 سال اڳ ٿي هئي ۽ کيس هڪ ڌيءَ به هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي صارفين ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.