پوپ فرانسس پاران پنهنجي ماضي جي غلطين جو اعتراف

دنيا جي ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هڪ ڪلاس ميٽ کي ٻار جي حيثيت ۾ وڌيڪ وزن هجڻ سبب تنگ ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب 86 ورهين جي پوپ فرانسس تازو ئي ڀارتي، پاڪستاني ۽ نيپالي عيسائي شاگردن سان وڊيو ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نوجوان ڇوڪرو جو وزن وڌيڪ هو ۽ منهنجي اهڙي عمل سبب منهنجي پيءُ کي ڇوڪر کان معافي گهرڻ تي مجبور ڪيو.

پوپ فرانسس ٻين مسئلن کي پڻ خطاب ڪيو، جن ۾ جسماني خاصيتون ۽ حسن جي معيار شامل آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڳالهه ٻولهه دوران ڀارت جي نوجوان عورت مرلن پنهنجي وزن جي ڪري تنقيد ۽ ٺٺوليون ٿيڻ جو پنهنجو ذاتي تجربو شيئر ڪيو.

هندستاني عورت بيان ڪيو ته ڪيئن هن مسلسل طعنن کي برداشت ڪيو جنهن هن کي روئڻ ۽ زخمي ڪيو.

Read Previous

نگران حڪومت ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائيندي، پاڪستان آءِ ايم ايف کي واضح ڪري ڇڏيو

Read Next

سعودي يوٽيوبر پنهنجي 8 مهينن جي ڌيءَ سميت ڪار حادثي ۾ فوت

Most Popular