جاپان روس ڏانهن استعمال ٿيل گاڏين جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي

جاپان روس کي استعمال ٿيل ڪارن جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

جاپان هر سال 2 بلين ڊالر جون استعمال ٿيل گاڏيون روس کي برآمد ڪري ٿو، جن تي پابندي لڳائي وئي آهي.

جاپان کان روس کي استعمال ٿيل ڪارن جي برآمد تي پابندي يوڪرين-روس جنگ جي نتيجي ۾ لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ روس ۾ جاپاني ڪارن جي وڏي گهرج آهي.

روس کي استعمال ٿيل گاڏين جي برآمد تي پابندي سان جاپان ۾ رهندڙ پاڪستاني واپاري به متاثر ٿيندا.

پاڪستان جاپان بزنس ڪائونسل جي صدر رانا عابد حسين جو چوڻ آهي ته جاپان ۾ رهندڙ 20 هزار پاڪستانين مان 15 هزار پاڪستاني استعمال ٿيل گاڏين جي واپار سان وابسته آهن.

سندس چوڻ آهي ته جاپان ۾ 15 هزار پاڪستاني سڄي دنيا ۾ 2 ارب ڊالرن جون گاڏيون ايڪسپورٽ ڪن ٿا.

Read Previous

پرويز الاهي کي گهر نه پهچائڻ تي ڊي آجي آپريشن ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن عدالت کان معافي گهري ورتي

Read Next

ميڪسيڪو: حادثن ۾ 10 پرڏيهي شهري فوت، 25 زخمي

Most Popular