نياز ڪالاڻي پاران سنڌ مان افغانين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

فيض گنج: جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ روادار تحريڪ اڳواڻ پنهل ساريو افغاني پٺاڻن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ بي گناهه ڳوٺاڻا شهيد ڪيا ويا آهن، جن جا ماڻهو قتل ٿيا، ڪيس به اُنهن مٿان داخل ڪيو ويو، اِهو ڪهڙو انصاف آهي؟

نياز ڪالاڻي چيو ته ماڙي جلباڻي واقعي بابت جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي اسان کي موجود انڪوائري تي اعتماد نه آهي، ماڙي جلباڻي واقعو بربريت آهي

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنهل ساريو اعلان ڪيو ته هن چيو ته 8 آڪٽومبر کان افغاني پٺاڻن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ محراپور ۾ پر امن ريلي ڪڊي تحريڪ جي شروعات ڪنداسين، جيستائين پٺاڻن کي پنهنجي مالڪ نٿو موڪليو وڃي تحريڪ جاري رهندي

Read Previous

اڳوڻن اسيمبلي ميمبرز کانپوءِ سندن مائٽ ڪامورا به سرڪاري گاڏين تي قابض

Read Next

عالمي بينڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ اڻپوري قرار ڏئي ڇڏي

Most Popular